شوري دمب

شوري دمب (ماڳ): هيءُ ماڳ ڪينرو دمب جي اولهه ۾ ساڍن ٽن ميلن جي مفاصلي تي آهي. اهو دڙو آرينچ ندي ۽ ان جي ٻيٽ مان نڪرندڙ هڪ ڦاٽ وٽ آهي. هن دڙي جي اتر طرف ڪجھه نيون اڏاوتون ٺهيل آهن، پر هتي پراڻي زماني جو ٺڪر به جام ملي ٿو. ان کانسواءِ هن دڙي مان کهرو خاڪي ٺڪر به مليو آهي، جيڪو ٺپيل آهي. هي اوائلي سنڌو تهذيب جو ماڳ ليکجي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو